باغ -22 مئي (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته ڀارت جي20 ڪانفرنس جو هڪ حصو سرينگر منتقل ڪري حقيقتن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ر??يو آهي. والاريل ڪشمير کليل جيل وانگر آهي، مودي حڪومت ڪوڙ تي ٻڌل منظرنامي ۽ ڪوڙو ڊرامو ڪري والاريل ڪشمير جي عوام جا حوصلا پست ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڪشميرين جو آزادي وارو جذبو قائم ۽ دائم آهي، پوري پاڪستا??ي قوم والاريل ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان سان گڏ بيٺل آهي. جي20 اجلاس جي ر??شني ۾ باغ جي دوري جي موقعي تي اي پي پي سان خصوصي ڳال??ه ٻولهه ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته ڪشميرين سان گڏيل قومن ذريعي حق خوداراديت ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي، ڀارت جي وزيراعظم پنڊت جواهر لعل نهرو به ڪشميرين سان اهو ئي ??اعدو ڪيو هو. گڏيل قومون ۽ سڄي دنيا درپيش مختلف معاملن تي جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪري ان کي حل ڪرائي ??ي. جڏهن ته گڏيل قومن جو ڪشميرين سان ڪيل پراڻو واعدو اڃا تائين وفا نه ٿيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت مختلف دورن ۾ مظلوم ڪشميرين خلاف مختلف حربا استعمال ڪندي ر??ي آهي. ڀارت ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ، تشدد ۽ قانوني ڪارروائين سميت ٻيا حربا استعمال ڪري ر??يو آهي، جنهن ذريعي هو ڪشميرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي جذبن کي دٻائڻ چاهي ٿو. ڀارت ان ۾ نه ڪڏ??ن ڪامياب ٿيو آهي ۽ نه ئي ??يندو.
سرينگر ۾ جي20 اجلاس حقيقتن کي لڪائڻ جي ڀارتي ناڪام ڪوشش آهي: قمر الزمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : کڑک