اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 جون تي انقره ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب ارد??ان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب کيس ان دوري جي دعوت ??رڪيه جي صدر رجب طيب ارد??ان ڏني آهي. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ هوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 28 مئي 2023ع تي رجب طيب ارد??ان جي ترڪيه جي صدارت جي لاءِ ٻيهر چونڊجڻ تي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران مبارڪباد ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپ?? جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ وزيراعظم صدر ارد??ان کي اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي تي ٻڌل آهن ۽ اهي گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي ??عاملن تي نظري?? جي هم آهنگي سان مضبوط ٿين ٿا. اعليٰ قيادت جي سطح تي مٽاسٽا ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ گهري ڳانڍاپي جو نمايان رخ آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 جون تي انقره ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ