اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته قومي ادارن ??لاف گهٽيا، مڪروه ۽ چڙ ڏيندڙ ميڊيا مهم شيطاني ذهن جي منصوبابندي جو نتيجو آهي، ڪجهه ڌريون پرڏيهه ۾ ويهي ملڪ دشمني ۽ غداري ڪري رهيون آهن. پنهنج?? بيان ۾ هن چي?? ته عمران خان جي ملڪ ۽ رياست خلاف مهم اها ئي پراڻي آهي، صرف چهرا بدلجي رهيا آهن، چهرا بدلجي ويا آهن پر ايجنڊا هڪ ئي آهي، 9 مئي واري ايجنڊا پرڏيهه ۾ ويهي پراڪسيز ۽ ڪٺ پتلين ذريعي هلايو پيو وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چي?? ته سياسي شدت پسندي جو واقعو ٿيو ته عمران خان ذميوار هوندو. هن چي?? ته فارن ??يجنٽ جو مرض لاعلاج آهي جيڪو اقتدار ڦرجڻ کانپوءِ ذهني ڪيفيت جو شڪار آهي، هن چي?? ته (Fear of missing out) محرومي کانپوءِ فومو ج?? بي بنياد پروپيگنڊا، الزامن، فسادن ۽ سازشن جي منصوباسازي ۾ مصروف آهي. وفاقي وزير چي?? ته وزيراعظم واضح ڪيو آهي ته رياستي ادارن ??لاف پروپيگنڊا جي ڪنهن به قيمت تي اجازت نه ڏينداسين. ڪنهن به سياسي انتهاپسندي يا مس ايڊوينچر جو ذميوار 9 مئي جو منصوبي ساز هوندو. مريم اورنگزيب چي?? ته توشاخانه جو ٽرائيل شروع ٿي رهيو آهي، ڪرپشن جا ثبوت سامهون اچي رهيا آهن، ان لاءِ عمران خان کي هڪ ٻي سازش گهربل آهي. هي چريو ۽ ذهني مريض آهي جنهن کي چرين جي اسپتال ۾ هجڻ گهرجي. وفاقي وزير چي?? ته ڪڏهن سائفر، ڪڏهن راڪيٽ لانچر سان قاتلاڻو حملو، ڪڏهن حورن وارا ??ڪا، ڪڏهن حضرت عيسيٰ ۽ ڪڏهن قرآن پاڪ جي حوالي سان بيهوده بيان بيمار ذهنيت جو ثبوت آهن. هن چي?? ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت 2017ع ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هي ذهني مريض ۽ چريو آهي جنهن کي چرين جي اسپتال ۾ هجڻ گهرجي. فتنو ملڪ ۾ لاش، افراتفري ۽ فساد چاهي ٿو، پنهنجي ڪرپشن، ڪوڙ ۽ ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مٿي تي بالٽي، ڏٻو ۽ ڊسٽ بن وجهي حربا استعمال ڪري رهيو آهي، مريم اورنگزيب وڌيڪ چي?? ته عمران خان آفيسرن ??ي پنهنجي قتل جا ڪوڙا الزام لڳايا، ثبوت گهريو ويو ته چيو ته ڪو به ثبوت ناهي ماڻهن کان ٻڌو آهي، پنهنجو ڪوڙ، سازش ۽ پروپيگنڊا پکيڙڻ لاءِ ڪجهه يو ٽيوبرز ۽ ولاگرز کي ”پراڪسي“ طور استعمال ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته هي اها ئي گهٽيا ذهنيت آهي جنهن لسٻيله هيلي ڪاپٽر جي شهيدن خلاف غليظ مهم هلائي هئي. ملڪ ۾ سياسي انتهاپسندي جو ذميوار فارن ??يجنٽ آهي، جنهن پنهنجي پراڪسيز ذريعي 9 مئي ڪرايو، ذهن سازي ڪئي، منصوبابندي ڪئي ۽ پنهنجي جٿن سان رياست خلاف دهشتگردي ڪرائي، فارن ??يجنٽ سرڪاري ۽ حساس عمارتن تي حملا ڪرايا، شهيدن جي يادگارن ???? بي حرمتي ڪرائي، فتني ايمبولينسز ساڙايون، ريڊيو پاڪستان، مسجدون، اسڪول ساڙايا، وفاقي وزير چي?? ته پنهنيج لابيٽس، پرڏيهي ميڊيا کي پنهنجي ڪوڙ?? بياني جو مواد ڏيڻ لاءِ اهي حرڪتون ڪري رهيون آهي.
قومي ادارن خلاف گهٽيا، مڪروه، چڙ ڏياريندڙ ميڊيا مهم شيطاني ذهن جي منصوبابندي جو نتيجو آهي، ڪجهه ڌريون پرڏيهه ۾ ويهي ملڪ دشمني ۽ غداري ڪري رهيون آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار