اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جده ۾ آهي ته جيئن غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. پرڏيهي ??في?? پاران جاري بيان موجب اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان مشاورت ۾ مصروف آهي. بيان موجب ان غيرمعمولي سيشن تي هن مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. نگران پرڏيهي وزير انهن سان مشاورت دوران غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۽ گهيراءُ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده صورتحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جده ۾ ملاقات سان گڏ مشاورت جاري رکندو. بيان موجب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اڄ اربع ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جي حو??لي سان نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي پاران جنگبندي ?? لنگهن جي ذريعي انساني امداد جي فراهمي جي گڏيل مطالبي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيح تي زور ڏنو آهي ته جيئن خوراڪ، دوائون، پاڻي ۽ ٻ??و ضروري سامان غزه جي ماڻهن تائين بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان کانپوءِ جي ڪوششن جو رخ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل طرف هجڻ گهرجي. بيان موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جده ۾ موجُود
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena