اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مراڪش سان واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مراڪش پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي سگهي ٿو، پاڪستان جو نامز?? سفير مراڪش ۾ پاڪستاني روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مراڪش ۾ پاڪستان جي نامز?? سفير محمد سميع الرحمان سان ڳال??ائ??ندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان – مراڪش لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ مفاد?? تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن کي ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضر??رت آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ جي لاءِ جوڙي وئي، مراڪش پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان کان اڳ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير/ مستقل نمائندي ڊاڪٽر بلال احمد پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. صدر نامز?? سفير کي چيو ته هو قومي مفادن ۽ ترجيحن جي تحفظ جي لاءِ گڏيل قومن سان پاڪستان جا مثبت لاڳاپا وڌائي، پاڪستاني عوامي صحت جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ صحت جي عالمي اداري سان لاڳاپ?? تي ڌيان ڏي. صدر چيو ته ليبر جو معيار برقرار رکڻ جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان رابطا وڌائڻ جي ضر??رت آهي. صدر چيو ته اسلامو فوبيا، ڪشميرين ۽ فلسطيني عوام جي خراب حالت جهڙن مسئل?? تي مسلمان امت جي آواز کي پيش ڪرڻ جي ضر??رت آهي، نامز?? سفير ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪرڻ، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر نامز?? سفيرن جي مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مراڪش سان واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌايو وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores