اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد عباس شاهه قومي خابرو ادار?? اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ ت?? ايف آءِ اي جي حو??لي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ج?? اينٽي ڪرپشن سيل محمد غواث (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر)، مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (اڳوڻي چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي ت?? ايف آءِ اي جي جا?? آفيسر اسفند يار موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪ??ي جنهن کانپوءِ ٽنهي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جوابدارن کان رڪارڊ ۽ رقم جي برآمدگي جي لاءِ 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي گذارش منظور ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران ”اي پي پي“ جي ليگل ايڊوائيزر سردار يعقوب مستوئ?? ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر آهن ۽ جعلي صحيحن جي ذريع?? اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا ويا آهن. سردار يعقوب مستوئي چيو ته 124 ملين رپيا عوام جي ٽيڪس جو پئسو هو، سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن کان سرڪاري رقم وصول ڪرڻ جي لاءِ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ ت?? ايف آءِ اي جي حو??لي ڪري ڇڏيو.
اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد