اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروا??ن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چي?? آهي ته اسان جي بهادر جوانن جي جرئت ۽ بهادري جي ڪري ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شهباز شريف چيو ته خوارج جو پاڪ زم??ن تان مڪمل خاتمو اسان جي اول??ن ترجيح آهي. وزيراعظم ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ??ئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ سگهه جي دعا ??ئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش