اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ضلعي جي علائقي مير علي ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي پذيرائي ڪندي چيو آهي ت?? پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آف??س جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن ۾ ٻن خوارجي دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي دهشتگر?? حملن ۾ ملوث هئا. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر??زم آهيون، پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری