اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿا بندي واري وفاقي و??ير احسن اقبال هندو برادري کي ڏياري جي پرمسرت موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ احسن اقبال چي?? ته پاڪستان جي ترقي ۾ هندو برادري سميت سمورن اقليتن جو ڪردار اهم آهي ۽ سندن ترقي لاءِ ??رابر موقعا فراهم ڪرڻ اسانجي پهرين ترجيح آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي حڪومت هندو برادري سميت سمورن اقليتي برادرين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ سندن ڀلائي لاءِ هر مم??ن قدم کڻندي. هن چي?? ته پاڪستان جي ترقي ۾ هر شهري جو ڪردار آهي ۽ حڪومت اقليتن سميت سڀني کي برابر موقعا فراهم ڪري هڪ اهڙي مضبوط، توانا ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ تي يقين رکي ٿي جتي سڀ گڏجي ترقي جي ثمر مان فائدو کڻي سگهن.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia