اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي انهن جي 53هين قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي يو اي اي جي ترقي ۽ خوشحالي جي شاندار سفر تي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو ته يو اي اي جو ترقي ۽ خوشحالي جو اهو سفر شيخ زايد بن سلطان النهيان مرحوم جي ڏاهپ سان ئي ممڪن ٿيو، جدت جي ان ويزن کي شيخ محمد ??ن زيد النهيان ۽ شيخ محمد ??ن راشد آل مڪتوم اڳتي وڌايو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين يو اي اي جو ثابت قدم ڀاءُ ?? حصيدار رهيو آهي، اسان پنهنجي تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن کي ڪارائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت