ب??سل?? – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان بيلجيئم ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون اجلاس بيلجيئم جي شهر ب??سل?? ۾ ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته ٻطرفي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل سفير جيروئن ڪورمين بيلجيئم پاران قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپ?? جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي سياسي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، علمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا، قونصلر معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو جامع جائزو ورتو. ان موقعي تي گهڻ ??خي فورمز ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي پاڪستان بيلجيئم جي حصيداري تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين پنهنجي گڏيل ٻطرفي ايجنڊا کي اڳت?? وڌائڻ جي لاءِ وقت سر مشاورت جي اهميت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ