اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ گڏيل عرب امارات اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان يو اي اي جي علائقائي سالميت ۽ خودمخ??يا??ي جي حمايت ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي قومي ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گ??يل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد ڏيان ٿو، گڏيل عرب امارات خوشحالي ۽ ترقي جو مثال قائم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۾ صحت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ يو اي اي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان سان تعاون ڪ??و. هن چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات جي علائقائي سالميت ۽ خودمخ??يا??ي جي حمايت ڪندو، آءِ ايم ا??ف پروگرام ۾ يو اي اي جي تعاون تي ٿورائتا آهيون، يو اي اي جي تعاون کانسواءِ آءِ ايم ا??ف پروگرام ممڪن نه هو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ ويزا جي بحالي پاڪستانين سان محبت جي عڪاس آهي. اي پي پي/ع – ک 22:43
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری