راولپنڊي-02 جنوري (اي پي پي) 9 مئي 2023ع واري سانحي جي 19 ڏوهارين جي سزائن ۾ معافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن تي عملدرآمد دوران ڏوهارين قانوني حق استعمال ڪندي رحم ۽ معافي جون درخواستون داخل ڪيون هيون، پاڪ فوج ??ي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب گڏيل طور تي 67 ڏوهارين رحم جون درخواستون داخل ڪيون هيون، 48 درخواستن کي قانوني ڪارر??ائ?? لاءِ ڪورٽس آف اپيل ۾ نظرثان?? لاءِ موڪليو ويو، 19 ڏهارين جي درخواستن کي انساني بنيادن تي قانون موجب منظور ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل رحم وارين درخواستن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ قانون موجب ڪ??و ويندو. ڏوهارين کي باضابطه ڪارر??ائ?? مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو پيو وڃي، سمورن ڏوهارين وٽ اپيل ڪرڻ ۽ قانون ۽ آئين موجب ٻيا قانوني حق برقرار آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ اپريل 2024ع ۾ قانون موجب انساني همدردي جي بنياد تي 20 ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.
09 مئي سانحي جي 19 جوابدارن جي سزائن ۾ معافي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ