والاريل بيت المقدس-17 نومبر(اي پي پي)اسرائيلي فوج اولهندي ڪناري جي علا.قي جنين ۾ واقع ابن سينا اسپتال کي به خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. فلسطيني خابرو اداري جي رپورٽ مطابق اس??ائيلي فوج اولهندي ڪناري ۾ تازي ڇاپامار ڪارروائي ڪندي طبي عملي جي 02 ملازمن کي به گرفتار ڪيو آهي. رپورٽ مطابق اس??ائيلي فوج اسپتال کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين چئني طرفن کان ڪڙو چ??ڙهي رکيو هو . اس??ائيلي فوج جي اهلڪارن اسپتال اندر ايمبولينسز جي به جهڙتي ورتي ۽ لائوڊ اسپيڪر ذريعي اسپتال کي خالي ڪرڻ جو پڻ چيو آهي. اس??ائيلي فوجين اسپتال ۾ مقرر عملي کي هٿ مٿي ڪري اسپتال مان ٻاهر نڪري وڃڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو ۽ پوءِ اسپتال جي اڱڻ ۾ سندن انفرادي طور تلاشي پڻ ورتي. ان کان اڳ رات جو اس??ائيلي فوج جنين شهر ۽ پناهگيرن بابت ڪيمپ مان اٽڪل 07 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ۽ ڪجهه گهٽين کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. اس??ائيلي فوج جي فائرنگ ۽ ڊرون حملن ۾ ڪيترائي شهري زخمي پڻ ٿيا آهن. جن کي علاج لاءِ مختلف اسپتالن ۾ پهچايو ويو آهي.
اسرائيلي فوج طرفان اولهندي ڪناري جي ابن سينا اسپتال کي به خالي ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب