رياض-07 ڊسمبر (اي پي پي) سع??دي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته سع??دي عرب ويزن 2030ع تحت شاندار ترقياتي موقعن ۽ امڪانن جي بنياد تي پائيدار واڌ جي شرح ۾ اضافي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. سع??دي اخبار اردو نيوز موجب شهزاده محمد بن سلمان سع??دي ويزن 2030ع تحت سع??دي عرب ۾ ترقي ۽ مالياتي ۽ اقتصادي سڌارا جاري رکڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي هدايتن موجب مملڪت جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. تيل کانسواءِ ٻين ذريعن مان قومي ??يد??وار ?? نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته سع??دي عرب سرڪاري خرچن جو دائرو وسيع ڪري واڌ جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان نئين قومي بجيٽ جي پابندي ڪندي. شهزاده محمد بن سلمان چيو ته نئين بجيٽ سان اڀرندڙ اقتصادي شعبا ترقي ڪندا، سيڙپڪاري کي هٿي ملندي، صنعتن جي حوصلا افزائي ٿيندي، مقامي منصوعات جو ??ست??مال وڌندو، تيل کانسواءِ سع??دي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. هن پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ ۽ قومي ترقياتي فنڊ جي موثر ۽ اهم ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته مالياتي صلاحيت وڌائي ۽ سرڪاري محفوظ اثاثن ذريعي سرڪاري خزاني جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين. قومي قرضن ۾ ??ست??ڪام برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به امڪاني بحران يا تبديلي کي منهن ڏئي سگهجي. هن سرڪاري خرچن ۾ اضافي جي روڪٿام جو ذڪر ڪندي چيو ته ان جو بنيادي سبب مقامي شهرين، پرڏيهين ۽ زائرين کي فراهم ڪيل خدمتن جو معيار بهتر کان بهتر بڻائڻ جي خواهش آهي. سع??دي ولي عهد اقتصادي واڌ لاءِ نجي شعبي سان حصيداري بهتر بڻائڻ ۽ ان کي مستحڪم ڪرڻ جي پاليسي تي گامزن رهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. شهزاده محمد بن سلمان چيو ته سع??دي عرب ايندڙ سال معيشت کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لاءِ ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي وارا قدم کڻندو ۽ سمورن اقتصادي شعبن کي جديد خطن تي هموار ڪري معيشت ۾ واڌ ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار بڻائيندو.
معيشت کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لاءِ ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي وارا قدم کڻنداسين: سعودي ولي عهد
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena