رياض -11 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت خادم حرمين شريفين جي پروگرام تحت حج ??اءِ ايندڙ 9 ملڪن جي وڌيڪ 145 شاهي مهمانن جي آجيان ڪئي آهي. ميڊيا مطابق هن وقت تائين 75 ملڪن جا هڪ هزار 75 شاهي مهمان سعودي عرب پهچي چڪا آهن. ياد رهي ته سڄي دنيا جي 88 ملڪن مان 3 هزار 322 حج پانڌيئڙا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ??ي خصوصي دعوت تي حج جو فرض ادا ڪندا. انهن ۾ ٻه هزار حج ??انڌيئڙا فلسطين ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمي شهرين جي وارثن مان هوندا جڏهن ته 22 حج ??انڌيئڙا سعودي عرب ۾ ڌار ٿيل سيامي ٻارن جا والدين هوندا. اسلامي معاملن واري وزارت ان پروگرام تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪندي آهي. سعودي اسلامي معاملن واري وزير ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ جي هدايت تي شاهي مهمانن ??ي خدمت لاءِ قائم ڪميٽيون حج ??انڌيئڙن جي آمد جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، رهائش، کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ کان علاوه ٻيو?? خدمتون فراهم ڪندا.
هڪ هزار شاهي مهمان حج لاءِ سعودي عرب پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ