گڏيل قومون-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري ??ي زور ڀريو آه?? ته هو گڏيل قومن ج?? اهتمام هيٺ ووٽنگ ذريعي ڪشميري ??وام جي خود اراديت وارو حق حاصل ڪرڻ ۽ سندن انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسلو ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عثمان جدون والاريل فلسطين جي سنگين صورتحال تي به خيالن جو اظهار ڪيو. پاڪستاني نمائندي جنرل اسيمبلي جي ٽئين ڪميٽي ۾ انساني حقن کي هٿي ۽ تحفظ جي موضوع تي مباحثي دوران ٻڌايو ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ غير قانوني وسندين جي توسيع، اسرائيلي قابض فوج طرفان طاقت جي استعمال ۽ غزه ج?? ناڪه بندي سنگين خلاف ورزيون آه?? جيڪي عالمي برادري ??ي فوري ڌيان جون گهرجائون آه??. هن وقت جاري ??نگ ۾ فلسطيني عوام خلاف انسانيت خلاف ڏوهن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ به ضرورت کان وڌيڪ طاقت جو استعمال، جبري گمشدگيون، من ماني، نظربنديون ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پابنديون گڏيل قومن جي انساني حقن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل بابت هاءِ ڪمشنر وٽ ٻن درجن کان وڌيڪ رپورٽن ۾ داخل آه??. هن چيو ته اهي خلاف ورزيون 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کانپوءِ شدت اختيار ڪري ويون آه?? جن جو مقصد ڄمون ڪشمير تي ڀارتي حڪومت ج?? ناپاڪ حتمي حل مڙهڻ آه??. نمائندي چيو ته عالمي برادري ??ڪثر شهري ۽ سياسي حقن تي زور ڀريندي آه?? پر اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حقن کي ترجيح نٿي ڏني وڃي، اهو عدم توازن نه رڳو ناانصافي آه?? پر اڻبرابري کي به هوا ڏئي ٿو. تعليم، صحت، باعزت روزگار ۽ مناسب زندگي جي معيار جو حق به ايترو ئي بنيادي آه??. ان لاءِ انساني حقن جي خلاف ورزين جي بنيادي سببن جهڙوڪ غربت، بک ۽ اڻبرابري ??ي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي ڀارت کي دهشتگردي جو مرڪز قرار ڏيندي چيو ته ڀارتي اڳواڻ پنهنجي رياستي سرپرستي جي پاليسي تي عمل پيرا آه??. ( ٽي ٽي پي) تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ (بي ايل اي) بلوچستان لبريشن آرمي جهڙين دهشتگرد تنظيمن کي فنڊنگ ۽ هٿياربند ڪري ??هيا آه??. انهن تنظيمن جي پاڪستان اندر دهشتگرد حملن ۾ هزارين بي گناهه عورتون، مرد ۽ ٻار شهيد ٿيا، ڪلڀوشن ياديو جهڙن ايجنٽن سڄي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ تشدد پکيڙيو ۽ ڀارت جي دهشتگرد فرنچائيز هاڻي علائقائي ۽ عالمي سطح تي هلي وئي آه??. پاڪستاني نمائندي ان موقعي تي ڀارت ۾ منظم امتيازي سلوڪ، نفرت انگيز ڏوهن ۽ 20 ڪروڙ کان وڌيڪ مسلمانن تي جاري ??لم ۽ ستم جو به حوالو ڏنو. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي جي عوامي مطالبن، گجرات، ممبئي ۽ دهلي ۾ هزارين بي گناهه مسلمانن جو قتل، مذهب جي جبري ??بديلي، بابري مسجد سميت سوين مسجدن جي بي حرمتي ۽ انهن جي جاين تي مندرن جي تعمير، امتيازي شهريت ترميمي قانون ۽ لو جهاد جي قانونن ۽ سياسي اڳواڻن طرفان نفرت ڦهلائيندڙ تقريرون، مسلمانن کي گرين وائرس چوڻ ڀارت ۾ معمول بڻجي ويو آه??.
عالمي برادري ڪشميري عوام جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري: پاڪستاني نمائندو
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria