اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان افغان مسئلي جي پرامن حل لاءِ هن خطي جي ڪنهن به ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرعزم آهي، پاڪستان افغانستان ۾ عدم استحڪام جي بنياد تي وڏو نقصان برداشت ڪيو آهي، ??فغانستان جي مسئلي جو حل افغان قيادت ۾ افغان عوام جي حمايت تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن اها ڳالهه عالمي ميڊيا ادارن جي نمائندن کي انٽرويو ڏيندي چئي. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن لاءِ تيار آهي ڇو ته ٻن??ي ملڪن جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ انهن کي رڳو افغانستان مسئلي جي ڏس ۾ نه ڏسڻ گهرجي، ??هشتگردي جو مسئلو بنا شڪ جي پاڪستان جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي ۽ ان جي حل لاءِ هن تمام گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، ??سان ان کي شڪست ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری