اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراع??م شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس دوران بنيادي ڍانچي ۽ مواصلاتي رابطن جي حوالي سان منصوبن ۽ نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪم جي رفتار جو پڻ جائزو ورتو ويو. وزيراعظم اپريل 2018ع جي و?? تائين ايئرپورٽ جي افتتاح کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم تيز ڪرڻ جي هداي?? ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير حافظ عبدالڪريم، مواصلات واري مملڪتي وزير جنيد انوار چوڌري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽريز، اين ايڇ اي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪ?? ڪئي.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش