خاران – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت آهي ۽ سدائين رهندي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف ترقي جو ٻيو نالو آهي، نواز شريف ۽ مسلم ليگ جو هڪ ئي پيغام آهي ته اسان پوري پاڪستان ۾ ترقي ڏيئڻي آهي ۽ پوري پاڪستان جا مسئلا حل ڪرڻا آهن، امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان سياسي قيادت کي گڏ ڪيو، فوج پوري جرئت سان مقابلو ڪيو ۽ هزارين جوانن جي قربانين سان اڄ ڪراچي کان پشاور ۽ ڪوئيٽا کان لاهور تائين ملڪ ۾ امن آهي، امن ۽ ترقي جي ان سفر کي جاري رکنداسين. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن بلوچستان جي علائقي خاران ۾ يڪ مچ – ??اران شاهراهه ?? خضدار شهدادڪوٽ شاهراهه جي افتتاح جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته خاران جي عوام ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ کي چونڊي قومي اسيمبلي ۾ موڪليو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات