اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي م??فقه طور تي عمران خان کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان اسان جي وزيراعظم جو اميدوار هوندو. مقامي هوٽل ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چو??ري ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه مح??ود قريشي چيو ته اڄ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو پهريون باضابطا اجلاس ٿيو. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان نون چونڊيل ميمبرن کي م??ارڪباد ڏني. هن چيو ته تحريڪ انصاف اها پارٽي آهي جنهن تي طرح طرح جي تنقيد ڪئي ويندي هئي ??ر اڄ اها پارليامينٽ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ۽ يقينن وفاقي پارٽي بڻجي اڀري آهي جنهن جي نمائندگي پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ فاٽا ۾ پ?? آهي.
پارلياماني پارٽي عمران خان کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ