اسلام آ??اد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پ??ڪستان جو ماضي شاندار هو ۽ مستقبل روشن هوندو ۽ نئين راهن طرف وڌندو، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ج?? بي مثال استقبال جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، سعودي عرب اربين ڊالر جي سيڙپڪاري پاڪستان آڻي رهيو آهي جيڪا گذريل 10 سالن کان به وڌيڪ آهي، دوري دوران ٿيندڙ معاهدن تي عملدرآمد جي لاءِ سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جي سربرا??ي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم عمران خان ڪندا، اسلام آ??اد ۾ ”عرب نيوز“ جو آغاز خوش آئنده آهي جنهن سان پاڪستاني پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين کي به روزگار جا موقعا ميسر ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين اسلام آ??اد ۾ عرب نيوز جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
سعودي عرب ۽ پاڪستان جو ماضي شاندار هو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن