اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻي??ن ۾ اضافي ??ان پائيدار ترقي جي فروغ، ملڪ کي ماحول دوست بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. قومي چوماسي وڻڪاري مهم شروع ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته موسمياتي تبد??لي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافو دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهرجڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيو آهي. پاڪستان جو ماحولياتي نظام به موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻي??ن جي واڍيءَ جي ڪري خطري ۾ ورتل آهي. هڪ تازي رپورٽ موجب پاڪستان موسمياتي تبد??لي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اٺون ملڪ آهي. پاڪستان، فلپائن ۽ هيٽي جهڙن ملڪن کي اڪثر قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڪستان کي عالمي حدت ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري اٽڪل هر سال ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ اربين رپين جو نقصان به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته هڪ اندازي موجب گذريل 19 سالن ۾ پاڪستان کي ماحولياتي تبد??لي ??ان واڳيل 173 واقعن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن سال به پاڪستان کي ٻوڏ صورتحال ۽ برساتن جي ڪري تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻي?? قدمن کانسواءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۽ وڻڪاري مهم ??ان پاڪستان جي قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻي??ن ۾ اضافي ۽ عالمي حدت جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته عالمي معيار موجب ڪنهن به ملڪ جي ٻي??ن جي ايراضي اتڪل 25 سيڪڙو هجڻ گهرجي جڏهن ته عال??ي بئنڪ جي سال 2020ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻي??ن جي ايراضي اٽڪل 4.8 سيڪڙو آهي. ا??ان کي پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ ٻي??ا لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششون ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻي پوندي.
صدر پاران ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر