صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ کان متا??ر علائقي صحبت پور ۾ ٻن مهينن ۾ جديد ماڊل اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن اسڪول ۾ تعليم هيٺ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سموريون جديد سهولتون دستياب هونديون، ا??هن کي ٽيبليٽ ڏنا ويندا، ان جو سڄو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي، اهي ٻار اسان جو فخر بڻجندا. ٻوڏ کان متا??ر علائقي صحبت پور جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ڪئمپ ۾ قائم ا??ڪول جي ٻارن ۾ گهلي ملي ويو. وزيراعظم ٻارن کان قومي ترانو به ٻڌو. جڏهن ته ٻارن نظم به ٻڌايا. وزيراعظم ٻارن کي شاباس ڏيندي چيو ته هو محنت سان تعليم حاصل ڪن، پاڻي لهڻ کانپوءِ ا??هن کي جلد پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪيو ويندو. ا??هن جي والدين جي فصل کي پهچندڙ نقصان جو معاوضو ڏينداسين، متاثر خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم فراهم ڪئي آهي. متا??ر علائقن ۾ سٺا اسڪول ۽ اسپتالون ٺاهينداسين، متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سڀني ادارن سان گڏجي ڀرپور مدد ڪنديون. هن چيو ته متا??ر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ عملدارن کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڌيئرون اسان جو مستقبل آهن، اهي وڏيون ٿي قوم جو فخر بڻجنديون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ا??هن ٻارن جي لاءِ هڪ جديد ماڊل اسڪول بڻايو وڃي، ج??هن جو سڄو خرچ وفاقي حڪومت کڻندي ان اسڪول جي لاءِ بهترين استادن جون خدمتون ورتيون وينديون. هتي تعليم هيٺ ٻارن کي ڪتاب ۽ يونيفارم مفت فراهم ڪيا ويندا. جڏهن ته ا??هن کي ٽيبليٽ به فراهم ڪيا ويندا. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ ۾ طبي سهولتن جو جائزو به ورتو. ميڊيڪل ڪئمپ ۾ موجود پيراميڊيڪل اسٽاف وزيراعظم کي طبي سهولتن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلا معلوم ڪيا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ا??هن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت بحال ٿيڻ تي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سڀني متاثرين کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم ا??ا ڪئي وڃي.
وزيراعظم پاران صحبت پور ۾ ٻن مهينن ۾ جديد ماڊل اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر