اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي شهزادي ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لا??ِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سندس ٿورا مڃي ٿو. پاڪستان ٻوڏ متاثرين جي بحالي لا??ِ سعودي عرب جي امداد کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي فنڊ جي 4 رڪني وفد سان اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفد جي سر??را??ي سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان المرشد ڪري رهيو هو. وزيراعظم پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لا??ِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سعودي عرب جي عوام ۽ حڪومت جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا به خصوصي ٿورا مڃيا. ملاقات دوران پاڪستان ۾ سعودي عرب جي مختلف ترقياتي منصوبن جو به جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير محمد اسحاق ڊار، قانون وارو وزير سينيٽر اعظم ن??ير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا.
سعودي عرب جي شهزادي ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سندس ٿورائتا آهيُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ