اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا ۽ صدر جي پري?? سيڪريٽري قمر بشير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران صدر عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري جي پاڪستان حڪومت جي خدمتن کي ساراهيندي انهن جي مستقبل جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر عهدو ڇڏيندڙ صدر جي پري?? سيڪريٽري جي حيثيت قمر بشير جي خدمتن کي پڻ ساراهيو ۽ کي?? اعزازي شيلڊ پيس ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سردار احمد نواز سکيرا پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سر??س جو هڪ آفيسر آهي جنهن 1985ع ۾ سول سر??س ۾ شموليت اختيار ڪئي. 16 اپريل 2020ع تي ڪيبنيٽ سيڪريٽري طور فرض سنڀالڻ کان ??ڳ هو واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ نجڪاري جي عهدي تي مقرر رهيو. پاڪستان حڪومت احمد نواز سکيرا جي خدمتن جو اعتراف ڪندي کي?? 14 آگسٽ 2022ع تي عوامي خدمت جي شعبي ۾ ”هلال امتياز“ جي قومي اعزاز سان نوازيو. قمر بشير انفارميشن گروپ جو آفيسر آهي جنهن 1991ع ۾ سول سر??س ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. مئي 2022ع ۾ پري?? سيڪريٽري طور فرض سنڀالڻ کان ??ڳ هو شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي مئ??يج??گ ڊائريڪٽر، اطلاعات واري وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پيرس، فرانس ۾ پاڪستان جي پريس قونصلر جي عهدي تي فائز رهيو.
صدر سان عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا ۽ صدر جي پريس سيڪريٽري قمر بشير جي جدا جدا ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی