اسلام آباد – 24 – ??يبروري (اي پي پي) پاڪستان فارن آفيس وومين ايسو??يئ??شن جي هڪ وفد تباهي آڻيندڙ زلزلي متاثر تر??يءَ ۽ شام جي عوام لاءِ عطيو ڏيڻ جي لاءِ تر??يءَ جي سفير مهمت پڪاسي ۽ شام جي سفير رميز الراعي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان فارن آفيس وومين ايسو??يئ??شن جي صدر مسز زنيره اسد انهن کي چيڪ پڻ ڏنو. پاڪستان فارن آفيس وومين ايسو??يئ??شن جي صدر ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي سان قيمتي جانين جي افسوسناڪ نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مارجي ويلن جي لاءِ دعا ۽ باهمت ڀائر عوام جي صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ترجمان موجب پاڪستان فارن آفيس وومين ايسو??يئ??شن پاران ڏنل عطيو ضرورت جي هن وقت تر??يءَ ۽ شام جي ڀائر عوام جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي يڪ??هت?? ۽ حمايت کي ظاهر ڪري ٿو. پاڪستان فارن آفيس وومين ايسو??يئ??شن ملڪ ۾ 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ سميت ٻاهرئين ملڪ ۽ قومي سطح تي قدرتي آفتن جي متاثرين جي ڀلائي ۽ هنگامي امداد جي ڪوششن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. پاڪستان فارن آفيس وومين ايسو??يئ??شن هڪ رجسٽرڊ غيرسرڪاري تنظيم آهي، جيڪا پاڪستان فارن سروس جي آفيسرن جي گهروارين ۽ پاڪستان جي عورت سفارتڪارن کي خيراتي ڪمن جي لاءِ گڏ ڪري ٿي.
پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن جي وفد جي ترڪيه ۽ شام جي سفيرن سان مُلاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ