اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول ??عا??دو طئ?? ٿي ويو آهي. بين الاقوامي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف جي اسٽاف ٽيم ناٿن پورٽر جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني عملدارن سان ذاتي طور ۽ ورچوئل ميٽنگ ڪئي ته جيئن آءِ ايم ايف طرفان اسٽينڊ ب??ءِ ارينجمينٽ تحت پاڪستان ل??ءِ هڪ نئين مالياتي انگيجمينٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. مشن جي پڄاڻيءَ تي پورٽل پڌرائي جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوش?? ٿي رهي آهي ته آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪستاني عملدارن سان اسٽاف سطح تي 2250 ملين ايس ڊي آر (تقريبن 3 بلين ڊالر يا 111 سيڪڙو آءِ ايم ايف ڪوٽا) جي رقم ۾ 9 مهينن جي اسٽينڊ ب??ءِ ارينجمينٽ تي ??عا??دو ٿي ويو آهي. نئين ايس بي اي پاڪستان جي 2019ع اي ايف ايف سپورٽ يافته پروگرام تحت عملدارن جي ڪوششن تي ٻَڌل آهي جيڪو جون جي آخر ۾ ختم ٿي رهيو آهي. هي ??عا??دو آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوريءَ سان مشروط آهي جنهن سان توقع آهي ته جول??ءِ جي وچ تائين ان درخواست تي غور ڪيو ويندو. آگسٽ 2022ع ۾ 2019ع جي توسيع فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت گڏيل ستين ۽ اٺين جائزن جي تڪميل کانپوءِ معيشت کي ڪيترن ئي پرڏيهي مشڪلاتن جو مُنهن ڏسڻو پيو. جن ۾ 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن ۾ لکيل پاڪستاني ۽ يوڪرين ۾ روس جي جنگ جي نتيجي ۾ بين الاقوامي جنسن جي قيمتن ۾ واڌ شامل آهي. ان مشڪلاتن سان گڏوگڏ ڪجهه پاليسيون غلطيون مٽاسٽا جي ناڻي جي مارڪيٽ جي ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽن سبب معاشي ترقي رڪجي وئي ۽ ضروري شين سميت مهانگائي تمام گهڻي آهي. پڌرائيءَ مطابق نئين اسٽينڊ ب??ءِ ارينجمينٽ ??عا??دو هاڻوڪي پرڏيهي مشڪلاتن سان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رُخي ٻه طرفن شراڪتدارن سان فنانسنگ ل??ءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪرڻ ل??ءِ عملدارن جي فوري ڪوششن جي حمايت ڪندو. نئون ايس بي اي ??عا??دو پاڪستاني عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ل??ءِ ملڪي آمدنيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ محتاط خرچن تي عملدرآمد ذريعي سماجي ۽ ترقياتي خرچن جي ل??ءِ به جڳهه پيدا ڪندو. آءِ ايم ايف طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان جي موجوده چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ل??ءِ مستحڪم پاليسيءَ تي عملدرآمد مُک حيثيت رکي ٿو. مالياتي نظم و ضبط، پرڏيهي دٻاءُ کي جذب ڪرڻ ل??ءِ مارڪيٽ جو تعين ٿيل مٽاسٽا جي ناڻي جي شرح ۽ سڌارن تي وڌيڪ اڳڀرائي خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾، موسمياتي لچڪ کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. پڌرائيءَ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ??عا??دو پاڪستان جي پرڏيهي ادائگين جي دٻاءُ کي گهٽ ڪندو ۽ ??عا??دي سان سماجي شعبي جي ل??ءِ فنڊز جي فراهمي بهتر ٿيندي، جڏهن ته ??عا??دو پاڪستان ۾ ٽيڪسز جي آمدني وڌائيندو ۽ ٽيڪسز جي آمدني وڌڻ سان عوام جي ترقيءَ ل??ءِ فنڊ پڻ وڌي سگهندا. ??عا??دو پاڪستان ۾ مالياتي نظم و ضبط جو سبب بڻجندو ۽ ??عا??دي سان توانائي جي سڌارن کي يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ جي حساب سان مقرر ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان 9 مهينن جو اسٽينڊ ب??ءِ جو ??عا??دو طئ?? ٿي ويو آهي. ??عا??دي سان پاڪستان کي پرڏيهي ملڪن ۽ مالياتي ادارن مان فنانسنگ دستياب ٿي سگهندا.
پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر