بشڪيڪ – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پائيدار امن ۽ سلامتي کانسواءِ پائيدار اقتصادي ترقي جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، افغانستان ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ خطي جي امن ۽ استحڪام جي تحفظ جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ”شنگهائي اسپرٽ“ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو مقصد گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام آهي، شنگهائي اسپرٽ جاگرافيائي، سياسي ۽ جيو اڪنامڪ ميدانن ۾ عظيم تبديلي جي ڏس ۾ اسان جي گڏيل ڪوشش?? کي سگهه ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) عالمي آبادي جي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گڏيل آواز ۽ امنگن جي نمائندگي ڪري ٿو، شنگهائي تعاون تنظيم جي قائدين جي طور تي اها اسان جي بنيادي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي عوام جي پائيدار امن، سلامتي ۽ اقصادي ترقي جي خواهش?? کي پورو ڪريون. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڪائونسل جي پاڪستان جي سربراهي ۾ اهم ۽ عملي شعبن ۾ تعاو?? کي فروغ ڏيڻ کي اولين ترجيح ڏني ويندي جن ۾ ڪنيڪٽيويٽي ۽ ٽرانسپورٽ رابط?? کي وڌائن، نوجوان?? کي بااختيار بڻائڻ، اعليٰ علائقائي صلاحيت رکندڙ اهم شعبن زراعت، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ شا??ل آهي، پاڪستان ان سان گڏوگڏ تعليم ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاو?? کي مضبوط ڪندو رهندو. هن چيو ته ايس سي او يوريشين ڪنيڪٽيويٽي جي ويز?? کي اڳئين سطح تي وٺي وڃڻ جو اهم پليٽ فارم آهي، اقتصادي طور تي ٺوس خطي جي لاءِ اسان جي گڏيل ويز?? کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل رابطي جي صلاحيتن ۾ سيڙپڪاري تمام ضروري آهي، پاڪستان ان ڏس م علائقائي خوشحالي جي لاءِ ٽرانسپورٽ ڪنيڪٽيويٽي تي هڪ ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. جليل عباس جيلاني چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت آهي. هن رابطي جي کوٽ کي علائقائي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي چيو ته سي پيڪ نه رڳو پاڪستا?? کي پنهنجي پاڙيسري چين سان ڳنڍي ٿو پر شنگهائي تعاون تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪ?? کي اسان جي گڏيل مستقبل ۽ مڪمل علائقائي اقتصاسدي انضمام ۾ سيڙپڪاري جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ايس سي او بزنس ڪائونسل ۽ ايس سي او انٽر بئنڪ ايسوسيئيشن ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاو?? کي فروغ ڏيڻ، واپارين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ عوام سان عوام جي رابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڪائونسل ۽ ايسوسيئيشن سمورن ايس سي او ميمبر ملڪن جي لاءِ گڏيل فائدي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي سهولت پڻ فراهم ڪري سگهي ٿو، پاڪستان انهن مقصد?? کي اڳتي وڌائڻ ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي واپارين ۽ صنعتڪارن جي وچ ۾ رابط?? کي وڌائڻ جي لاءِ ايس سي او بزنس ڪانفرنس جي ميزباني جي تجويز پيش ڪئي آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڊيجيٽل ۽ انفارميشن جي انقلاب سان عالمي سطح تي سياسي ۽ اقتصادي تبديلي تيز ٿي آهي، ايندڙ نسل?? کي انهن انقلابي رجحانن تي پورو لهڻ جي لاءِ گهربل تربيت ۽ مهارتن سان ليس ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ اسان جي نوجوان?? کي بااختيار بڻائڻ اولين اهميت رکندڙ آهي، اڄ جون اسان جون پاليسيون اسان جي خطي جي ??بر??ست انساني صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهن ٿيون، پاڪستان ڊيجيٽل معيشت جي ذريعي نوجوان?? کي بااختيار بڻائڻ تي هڪ ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته اقتصادي ترقي جي مختلف مرحلن کان قطعي نظر سمورن ايس سي او ميمبر ملڪ?? کي اڃان به غربت ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجز درپيش آهن، اسان گڏيل ڪوششن ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان سکي انهن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسا?? کي يقين آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ خصوصي ورڪنگ گروپ جي پاڪستان جي مستقل سربراهي ۾ اسان جي ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل ڪوشش?? کي اهم تحريڪ فراهم ڪري سگهجي ٿي، اسان في الحال غربت جي خاتمي تي خصوصي ورڪنگ گروپ جي افتتاحي سيشن جي ميزباني جي منصوبابندي جي مرحلن ۾ آهيون، جنهن جو ڌيان ايس سي او جي ميمبر ملڪن ۾ سماجي تحفظ جي نيٽ ورڪ کي وڌائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز مان فائدو کڻڻ تي مرڪوز آهي. هن چيو ته پائيدار امن ۽ سلامتي کانسواءِ پائيدار اقتصادي ترقي جي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي، افغانستان ۾ استحڪام کي يقيني بنائڻ اسان جي خطي جي امن ۽ استحڪام جي تحفظج ي لاءِ لازمي آهي، شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) افغان رابطا گروپ ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته رابطا گروپ کي بحال ڪرڻ سان ڳالهه ٻولهه کي فروغ ملي سگهي ٿو ۽ افغان عملدار?? کي انهن جي اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيت?? کي وڌائڻ ۾ بامعنيٰ مدد ملي سگهي ٿي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ تباهي انسانيت جي بقاءَ کي خطري ۾ وجهي رهي آهي، جيڪا عالمي ردعمل جي لاءِ عالمي يڪجهتي جو مطالبو ڪري ٿي، پاڪستان هڪ پائيدار ۽ فطرتي مثبت دنيا جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ مقروض آهيون، ايس سي او سڀ کان اهم علائقائي تنظيم طور هنگامي حالت?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهڻ رخي عملي تعاون جو علمبردار بڻجڻ جي لاءِ موزون آهي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ان گڏيل فائديمند صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ هنگامي صورتحال تي روڪٿام ۽ ردعمل تي هڪ اجلاس جي ميزباني ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن چيو ته گذريل 20 سالن ۾ اسان ايس سي او جي ترقياتي تعاون جي ميٽرڪس جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد رکيو آهي، ايندڙ چيئر جي طور تي پاڪستان جو مقصد تنظيم کي وڌيڪ ايڪشن تي ٻڌل بڻائڻ هوندو، ان هدف جي تعاقب ۾ اسان هڪ مضبوط نفاذ ۽ نگراني جو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ايس سي او سيڪريٽريٽ ۽ ميمبر ملڪن جي تعاون ۽ حمايت جي اميد ڪريون ٿا، اهو طريقيڪار سماجي ۽ اقتصادي شعبن جي متنوع صفن ۾ اڳڀرائي جي لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم نه ته سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جو فورم آهي ۽ نه ئي ا?? کي اهو ٻطرفو يا ٽه ڌريي مسئل?? کي حل ڪرڻ جو مينڊيٽ حاصل آهي، تڪراري معامل?? کي ايس سي او ۾ آڻڻ ايس سي او جي اٽڪل چوٿائي صديءَ جي ڪاميابي?? کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. شنگهائي تعاون تنظيم کي ملڪي سياسي نظرين کان پاڪ رکڻ ۽ ا?? کي پنهنجي خطي جي گڏيل مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي مستقل ادارن جي سربراهن، سيڪريٽري جنرل زانگ منگ ۽ ڊائريڪٽر رسلان مرزائيف کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ان اهم فورم جي سربراهي کي اعزاز ۽ اعتماد جي ڳالهه سمجهي ٿو، اسان جي چيئر جي مدي دوران اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان مستقبل جي حوالي سان اهڙن قدم?? کي شا??ل ڪريون جيڪي ايس سي او خطي جي ترقي کي فروغ ڏين. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي علائقائي صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن جي فعال ۽ مثبت شرڪت جو منتظر آهي. نگران پرڏيهي وزير گڏيل چئلينج?? کي منهن ڏيڻ ۽ ايس سي او خطي جي امن، خوشحالي، استحڪام ۽ رابطي جي هدفن ۽ هدف?? کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ شنگهائي اسپرٽ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت ۽ عزم جو ورجاءُ ڪيو.
پائيدار امن ۽ سلامتي کانسواءِ پائيدار اقتصادي ترقي جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي: جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا