تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ جيڪو ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ منعقد ٿيندڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. سربراهي اجلاس کي خطاب ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ نگران ??زي??اعظم علائقائي ترقي جي لاءِ اي سي او جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ عزم جو اظهار ڪيو. هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن جي فروغ، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. نگران ??زي??اعظم چيو ته اي سي او جي لنگهن تي ٻڌ?? حڪمت عملي علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ اهم آهي. ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ فريم ورڪ ايگريمنٽ (ٽي ٽي ايف اي) ۽ اسلام آباد – تهران – استنبول ريل ۽ روڊ ڪوريڊور جهڙن منصوبن سان پوري خطي جي اقتصادي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. نگران ??زي??اعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري جي شديد مذمت ڪئي. هن فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. نگران ??زي??اعظم وڌندڙ عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته گڏيل احترام، بين ??لم??اهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيندي اسلامو فوبيا جي اضافي جي خلاف سياسي ۽ قانوني مزاحمت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
نگران وزيراعظم پاران علائقائي ترقي جي لاءِ اي سي او جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ عزم جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے