صوابي – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي، تعليمي ادارا منهنجي دل جي ويجهو آهن، اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو ??هي، علم جي ڪري حضرت آدم عه کي فرشتن تي فوقيت ملي، غلام اسحاق ????ن انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز ۽ ٽيڪنالاجي جا ڪئمپس پوري پاڪستان ۾ هجڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن غلام اسحاق ????ن انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ٽوپي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ??ه مون پهريون ڀيرو هن اداري جو دورو 90ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ڪيو هو. هن اداري کي بهترين ڏٺو. هن انسٽيٽيوٽ قائم ٿيڻ جي خواب جن ماڻهن ڏٺو هو انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اهڙي قسم جي ادارن جو ??ائم ٿيڻ پاڪستان جي مقصدن ۽ هدفن جو حصو آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان جي تخليق ٿي. پاڪست??ن اهڙن ئي ادارن جي قائم ٿيڻ جي لاءِ وجود ۾ آيو هو ته جيئن اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي اهڙا موقعا فراهم ڪري سگهون جتي اهي نه رڳو پنهنجو ??اڻ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ بهتري ڪري سگهن پر دنيا ۾ پنهنجو ??قام ٺاهي سگهن. هن چيو ??ه منهنجي راءِ ۾ غلام اسحاق ????ن انسٽيٽيوٽ جي طرز تي وڌيڪ ادارا هجڻ گهرجن. هن چيو ??ه حضرت آدم عه کي علم جي ڪري ئي فرشتن تي فوقيت ملي. اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو ??هي. غلام اسحاق ????ن انسٽيٽيوٽ جي ذريعي پاڪستان دنيا ۾ علم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيو ??هي. هن چيو ??ه هن اداري جا ڪئمپس سمورن صوبن ۾ هجڻ گهرجن. شروعاتي طور تي اسلام آباد ۾ ان جي ڪئمپس جي قيام جي تجويز غور هيٺ آهي. اس??ن ان جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي. هن چيو ??ه ڪائنات ڪا اهڙي شيءَ نه آهي جيڪا هڪدم ختم ٿي وڃي، ان ۾ تخليق جو عمل جاري رهي ٿو. هن چيو ??ه تعليمي ادارن ۾ فيڪلٽي جي اهميت تمام وڌيڪ آهي. انهن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسان جو ??وجوان نسل مستقبل جي قيادت آهي.
دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي، تعليمي ادارا منهنجي دل جي ويجهو آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج