اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي مسئلن بابت مسجد ۽ منبر جو ڪردار انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪورونا جي دوران عالمن ۽ پيش امامن ڪورونا کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، مسجدون ۽ منبر غيرمتعدي بيمارين کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ مسجدن جي ذريعي صحت جي مسئلن بابت آگ??هي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪميونٽي جي شرڪت سان صحت جي نظام تي بيمارين جو بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ صحت طرف مسجدن جي ڪردار تي پاليسي ڊرافٽ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اهو پاليسي ڊرافٽ ٻن هفتن ۾ تيار ڪيو ويندو. صحت واري نگران وفاق?? وزير صدر ۽ خاتون اول جي بيمارين بابت آگ??هي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي عمل کي ساراهيو. اجلاس ۾ صوبائي نم??ئندن پنهنجي صوبن ۾ عوام جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگ??هه ڪيو.
صحت جي مسئلن بابت مسجد ۽ منبر جو ڪردار انتهائي اهم آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق