اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) صدارتي اليڪشن ۾ مخالف اتحاد جي اميدوار محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته آ??ف علي زرداري کي ملڪ جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، ف??ل الرحمان جو ووٽ ملڻ گهرجي ها. تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي پارليامينٽرين ووٽ نه وڌو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو نه ??نهن ووٽ خريد ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن وڪرو ڪيو. صدارتي اليڪشن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آ??ف علي زرداري هڪ مڃيل سياستدان آهي. اميد آهي ته هو ملڪ ۽ قوم کي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ ٺوس قدم کڻندو. هن چيو ته شبلي فراز سميت ڪيترن ئي پارليامينٽرين ووٽ نه وڌو. اميد هئي ته مولانا ف??ل الرحمان جو ووٽ مون کي ملندو. هن چيو ته ملڪ خاطر اسان ساٿ ??يڻ لاءِ تيار آهيون.
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável