اسلام ??باد -16 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ دهشتگردن جي بنون ڪينٽ تي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن ک?? مٽيءَ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فو??سز جي بهادرن ک?? سلام پيش ڪيون ٿا، شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي ۽ اسان سڀئي شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهيون، شهيدن جي عظيم قربانين ک?? سدائين ياد رکيو ويندو. گهرو وزارت پاران جاري بيان ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي دهشتگردن جو حملو ناڪام ??ڻائيندڙ سيڪيورٽي فو??سز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيد ٿيل سيڪيورٽي فو??سز جي 8 جوانن ک?? خراج عقيدت به پيش ڪيو. هن شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ۽ تعزيت پڻ ڪئي. محسن نقوي چيو ته قوم جي بهادر جوانن پنهنجون حياتيون ڏئي دهشتگردن جي وڏي منصوبي کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ سمورن 10 ئي دهشتگردن ک?? دوزخ حوالي ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي فو??سز جي بهادر سپوتن دهشتگردي جي سازش کي ناڪام ??ڻايو. گهرو وزير چيو ته دشمن پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي گندي سازش ڪري رهيو آهي، اتحاد ?? اتفاق جي طاقت سان دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪنداسين. هن زخمي اهلڪارن جي جلد صحت يابي لاءِ دعا به ڪئي.
دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادرن کي سلام، شهيد پوري قوم جو فخر آهن: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات