اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تهران ۾ حماس پوليٽيڪل بيورو جي ??ربراهه اسماعيل هانيه تي حملي کي عالمي قانونن کي ??يرن هيٺان لتاڙڻ جي ??رابر قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سميت پوري دنيا ان دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت ڪئي آهي، نيتن ياهو ۽ اسرائيلي فوج کلي عام وحشيت ۽ تباهي برپا ڪرڻ تي لهي آيا آهن، اها صورتحال ترقي يافته قومن جي لاءِ پڻ هڪ چئلينج آهي. هو فلسطين جي ??ورتحال بابت اتحادي پارلياماني پارٽين جي ??جلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ رت جي هوليءَ کيڏي پئي وڃي، گذريل 9 مهينن کان هيستائين ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ڪيا ويا آهن، اسپتالن کي ??ڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ روزانو غزه ۾ لاش ڪيرايا پيا وڃن، شهرن جا شهر ۽ پاڙن کان پاڙا زمين بوس ڪيا ويا ۽ روزانو ٽيليويزن تي اهڙا دل ڌوڏيندڙ منظر ڏسڻ لاءِ ملن ٿا جو تاريخ ۾ اهڙي طرح جا واقعا شايد ئي ڪڏهن ڪنهن ڏٺا هجن. وزيراعظم چيو ته ڪالهه تهران ۾ جيڪو واقعو ٿيو آئون سمجهان ٿو ته پوري دنيا ان جي ??ديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، ايران جي ??لائقائي حدن جي ??لاف ورزي ڪندي راڪيٽ جي ??ملي ذريعي اسماعيل هانيه کي شهيد ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان عالمي قانونن کي ??يرن هيٺان لتاڙيو ويو، ڪنهن شيءَ جو لحاظ نه ڪيو ويو ۽ اسماعيل هانيه جنهن جا ٻار ۽ پوٽا به اڳ ۾ شهيد ڪيا ويا، هاڻي کيس ش??يد ڪيو ويو، اهڙي قسم جي ??فاڪي جو مثال نٿو ملي، پاڪستان سميت ترڪيه، چين، روس، ملائيشيا ۽ قطر پاران ان واقعي جي پرزور مذمت ڪئي وئي، ان واقعي تي پوري دنيا روئڻهارڪي آهي، اهڙي قسم جي وحشيت تي دنيا جيڪڏهن خاموش رهي ته اهو فڪر جو لمحو آهي. وزيراعظم چيو ته ان واقعي تي اسان کي ??وم جو آواز بڻجي ??ن جي ??ڪاسي ڪرڻي آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جي ??نتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي ??يتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ هوندي، عالمي ادارن غزه جي ??ورتحال تي جيڪي قراردادون منظور ڪيون آهن، اسرائيل پاران ان جون ڌڄيون اڏايون ويون. هن انصاف جي ??المي عدالت جي فيصلي جي ??جيان ڪندي چيو ته انصاف جي ??المي عدالت اسرائيلي ڏاڍ کي ??سل ڪشيءَ قرار ڏنو آهي ۽ ان جي مذمت ڪئي آهي، ان جي ??اوجود اسرائيل جا هٿ نه روڪيا ويا، نيتن ياهو ۽ اسرائيلي فوج کلي عام وحشيت ۽ تباهي برپا ڪرڻ تي لهي آيا آهن، اها صورتحال ترقي يافته قومن جي لاءِ پڻ هڪ چئلينج آهي ته ڪهڙي طرح ان کي ??نهن ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته آئرلينڊ ۽ اسپين جا ٿورائتا آهيون جن ان مسئلي کي اٿاريو ۽ ٻه رياستي حل جي ??مايت ڪئي آهي، مون آئرلينڊ جي وزيراعظم کي ??يليفون ڪري ان جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم پاران تهران ۾ حماس پوليٽيڪل بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه تي حملو عالمي قانونن کي پيرن هيٺان لتاڙڻ برابر قرار، نيتن ياهو ۽ اسرائيلي فوج کلي عام وحشيت ۽ تباهي برپا ڪرڻ تي لهي آيا آهن: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی