لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان ٺهڻ ۾ اقليتن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، اقليتي برادري ملڪي ترقي لا??ِ هر شعبي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، اڄ جي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پنهنجي بزرگن جي عهد تي قائم رهندي اقليتن جي حقن جي تحفظ کي ورجائڻ آهي، اسرائيل طرفان ??زه ۾ ظلم جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نٿو ملي، فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ تي عالمي خاموشي افسوسناڪ آهي، دنيا غزه ۾ جنگبندي ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري. هن اهڙو اظهار ماڊل ٽائون لاهور ۾ اقليتن جي قومي ڏينهن جي حوالي سان ??ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ خواجه سعد رفيق، قومي اسيمبلي جو ميمبر نيلسن عظيم ۽ اقليتي اڳواڻ به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان ??ڀئي هتي گڏ ٿيا آهيون ۽ اقليتن جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، پاڪستان ٺهڻ ۾ اقليتن پاڪستان لا??ِ پنهنجو ووٽ ڏن??، اسان يوم آزادي ملهائي رهيا آهيون، پر بدقسمتي سان ??يڪو ظلم ۽ ڏاڍ غزه جي فلسطين تي ٿي رهيو آهي، ان ??ان ??سان ??ون خوشيون ڌنڌلائجي ويون آهن، غزه ۾ مظلوم مسلمانن سان ??سرائيلي فوج گذريل ڏينهن فجر وقت بمباري ڪري عورتن ۽ ٻارن سميت مظلوم مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏي??، انهن ظلمن تي سڄي دنيا جي خاموشي افسوسناڪ آهي، ان ??والي سان ??نيا ۾ امن جي قيام لا??ِ قائم ڪيل عالمي ادارن جي ٺهرائن جي رتي برابر به حيثيت ناهي رهي، غزه ۾ جنگبندي ۽ دنيا ۾ امن جي قيام لا??ِ اسرائيل کي اڳرائي کان ??وڪڻ لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي حوالي سان ??ڪر ڪندي چيو ته ملڪ خداداد پاڪستان ??ظيم قربانين کان پوءِ وجود ۾ آيو آهي، قيام پاڪستان ۽ ملڪي ترقي ۾ اقليتن جي مثبت ڪردار کي وساري نه ٿو سگهجي. عيسائي، هندو، سک، پارسي ۽ ٻين اقليتن سان ??علق رکندڙ ماڻهو زندگي جي مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي ملڪي ترقي ۽ تعمير ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وڌو آهي. اقليتن هميشه ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لا??ِ اڳتي وڌي پنهنجو فرض ادا ڪيو. چاهي اهي مسيحي برادري هجي، هندو برادري هجي، سک هجي يا پارسي برادري انهن سڀني ملڪ اندر پرامن شهري بڻجي حقيقي معنائن ۾ پاڪستاني هئڻ جو ثبوت ڏنو. مسيحي برادري جا مشينري اسڪولز جتي 77 سالن ۾ هزارين نه پر لکين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين اعليٰ تعليمي حاصل ڪئي. اهي مسيحي برادري جي پاڪستان لا??ِ امن وقت شموليت آهي، جنگ جي زماني ۾ ڪير نه پيو ڄاڻي ته سيسل چوڌري جون ڇا خدمتون هيون، اقليتي برادري سان ??علق رکندڙ ججز انصاف جو مانُ مٿانهون ڪرڻ لا??ِ ڀرپور خدمتون انجام ڏنيون. سک برادري پاڪستان ??ي استحڪام ۽ ترقي لا??ِ هميشه ڀرپور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، پارسي برادري واپار ۽ ڪاروبار ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. هن چيو ته گنگا رام اسپتال مان ??ڄ به ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، جيستائين هي اسپتال قائم رهندي، ڏکويل انسانيت جي حوالي سان ماڻهو هميشه ان کي ياد رکندا، جيستائين اسپتال قائم رهندي هتي ڏکويل انسانيت جي علاج جي حوالي سان ماڻهو هن کي ياد رکندا، اهڙي ريت ڊاڪٽر روٿ فائو ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا مريضن جي اميد جو ڪرڻو بڻجي پنهنجي سڄي زندگي انهن مريضن لا??ِ وقف ڪري ڇڏي جيڪا ٻين لا??ِ مشعل راهه آهي. ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن جي قيام لا??ِ مختلف سيڪيورٽي ادارن ۾ مختلف اقليتن سان ??علق رکندڙ هن ڌرتي جا پٽ ۽ ڌيئرون پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اڄ جي ڏينهن قائداعظم محمد علي جناح تاريخي بيان ڏنو هو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين برادرين کي آئين ۽ قانون موجب برابري جا حق حاصل هوندا ۽ مڪمل مذهبي آزادي حاصل هوندي، جيڪڏهن ڪو مسلمان ??هي ته اهو مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ ۾ پوري ريت آزاد هوندو، جيڪي اقليتون آهن اهي مندر وڃن، ڪليسا وڃن، گوردوارن ۾ وڃن کين مڪمل آزادي هوندي. هن تاريخي پس منظر جي روشني ۾ اڄ جي ڏينهن هتي گڏ ٿيڻ جو مقصد اسان کي پنهنجي بزرگن جي عهد تي قائم رهندي اقليتي برادري جي هر ممڪن تحفظ کي ورجائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ اقليتن جي حوالي سان ڪجهه ڏکوئيندڙ واقعا پيش آيا جنهن سان کيس تڪليف پهتي جڏهن ته انهن واقعن کان پوءِ ان ??ماني جي حڪومتن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ته جيئن ٻيهر اهڙي ريت جا واقعا پيدا نه ٿين. هن چيو ته هتي اقليتي برادري جي نمائندن پنهنجي پاڪستان ??ان لا??وال ۽ اڻ مٽ ڪميٽمينٽ جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کي پاڪستاني قوم قابل تحسين نظر سان ڏسي ٿي، اتي اسان ??ي تاريخ ۾ ڪجهه ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا آهن، جن مان ??اهر آهي تڪليف پهتي ۽ انهن اندر خوف جو احساس پيدا ٿيو. انهن واقعن کان پوءِ ان ??ماني جي حڪومتن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جن قانون هٿ ۾ کنيو انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ وٺي آيا، مان ??مجهان ٿو ته اقليتي برادريون جيڪي پاڪستان ۾ رهن ٿيون، انهن جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي لا??ِ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي طور جيترا به قدم کڻن اهي گهٽ هوندا. هن چيو ته هي تمام پري جي ڳالهه ناهي، جڏهن هتي دهشتگردي جا واقعا ٿيا ان ۾ اسان ??ي اقليتي آفيسرن ۽ سپاهين پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. مان پاڻ جي ايڇ ڪيو ويس ۽ انهن جي اعزاز ۾ تقريب ۾ شامل ٿيس. هن چيو ته ڊاڪٽر روٿ فائو جهڙي عورت سڄي عمر پاڪستان ۾ زندگي بسر ڪري ڇڏي ۽ ڪوڙهه جي مرض لا??ِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي. پاڪستان ??ي اسپتالن ۾ جتي مسلمان ڊاڪٽرز ۽ نرسون ڪم ڪري رهيون آهن، اتي اسان ??ي اقليتي برادري جا نرسز ۽ ڊاڪٽرز به پنهنجون خدمتون ڏکويل انسان لا??ِ سرانجام ڏينديون آهن. کين اهو به ياد رکڻ گهرجي ته انهن جي تحسين به ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿئي ۽ هو پهرين کان وڌيڪ ڪمٽمينٽ سان پاڪستان ??ي خدمت ڪن. هن چيو ته قائد محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت اقليتن کي بنيادي حقن جي فراهمي لا??ِ هر ممڪن قدم کنيا آهن، اقليتن جي تحفظ لا??ِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. محمد نواز شريف هر فورم تي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي ترجماني ڪئي آهي. هن چيو ته مان ??وهان کي يقين ڏياريان ٿو ته حضرت قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه محمد اقبال جي فرمانن جي روشني ۾ اوهان ??ي حقن لا??ِ پوري طرح ڪوششون جاري رکيون وينديون ۽ اقليتن کي درپيش مسئلن جي حل ۽ انهن کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ لا??ِ پوري طرح تيار آهن. هن چيو ته مون کي پورو يقين آهي ته اسان ??تحاد ۽ اتفاق سان ??لد هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي ٻيهر گامزن ڪري وٺنداسين. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اقليتن کي پنهنجي گلي لڳائڻ گهرجي، اقليتون جيڪي اسان ??ي آبادي جو ساڍا ٽي سيڪڙو حصو بڻجن ٿيون، انهن جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجي قائد محمد نواز شريف اقليتن لا??ِ هميشه کلي دل جو ثبوت ڏنو آهي، جيستائين هو وزيراعظم رهيو مان وزيراعليٰ رهيس يا پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو صدر ۽ قائد رهيو. هن هميشه هر جاءِ تي اقليتن جي ڳالهه ڪئي ۽ انهن جي حقن لا??ِ پوري ريت آواز اٿاري??، اڄ جي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اقليتن کي اها خاطري ڪرائڻي آهي ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن جي عهد تي قائم آهيون ۽ دستور پاڪستان ??ي حوالي سان ??وهان ??ا جيڪي آئيني حق آهن اهي آزادي جي حوالي سان هجن، قانوني تحفظ جي حوالي سان هجن يا جيڪو پاڪستان ??ي باني ۽ علامه اقبال جا فرمان ??هن، انهن جي روشني ۾ وزيراعظم ۽ قائد محمد نواز شريف جي حوالي سان يقين ڏياريان ٿو. انشاالله هن ملڪ پاڪستان ۾ اوهان ??ي حقن لا??ِ پوري ڪوشش جاري رکي ويندي. هن چيو ته اقليتن جي حفاظت لا??ِ کين معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ جي غرض سان پوري طرح تيار آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان نه رڳو ترقي ڪري سگهي ٿو پر خوشحالي سان همڪنار ٿي سگهي ٿو ۽ دنيا ۾ پنهنجو جائز مقام حاصل ڪري سگهي ٿو.
پاڪستان ٺهڻ ۾ اقليتن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، اقليتي برادري ملڪي ترقي لاءِ هر شعبي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، اڄ جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پنهنجن بزرگن جي عهد تي قائم رهندي، اقليتن جي حقن جي تحفظ کي ورجائڻ آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil