نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمب??ي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ دوري ۾ شريڪ آهن. وزيراع??م پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمب??ي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ا?? سان گڏوگڏ وزيراع??م پائيدار ترقي جي هدفن بابت ايس ڊي جيز موومينٽ 2024ع، سلامتي ڪائونسل جي ليڊرشپ فار پيس جي عنوان سان هاءِ ليول اوپن ڊبيٽ ۽ وڌندڙ سطح سمنڊ سان امڪاني خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم نيويارڪ ۾ آمريڪا – پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ پاڪستاني بينڪرز سان ملاقات پڻ ڪندو ۽ انهن کي حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کان آگاهه ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، جنرل اسيمب??ي جي صدر فيليمون يانگ، يورپيئن ڪميشن جي صدر ارسلا وون ڊرليئ?? سان ملاقات?? سان گڏوگڏ گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس، عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائ??يڪ??ر ڪرسٽالينا جارجيوا سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم فلسطين جي صدر محمود عباس سان خصوصي ملاقات ڪندو جنهن ۾ فلسطين ۾ جاري صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ عالمي برادري کي ان ڏس ۾ قدمن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿيندي. وزيراعظم دوست ملڪن جي سربراه?? سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، برونائي دارالسلام جي سلطان حسن البلقيه پاران برونائي جي گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل مانجهاندي ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس پاران بنگلاديش جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراع??م پنهنجي آمريڪا جي دوري ۾ عالمي اڳواڻن آڏو موسمياتي تبدي??ي جي خطري ۾ ورتل ملڪن جي مسئلن، خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي قربانين، عالمي معاشي نظام ۽ مقروض ملڪن جي مسئلن، ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قبضي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ ۽ اسرائيل پاران معصوم فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ جي حوالي سان آواز اٿاريندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری