اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان وچ ۾ پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي، گڏيل واپار کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ سيڪريٽري موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي سفير خضر فرحاديو سان ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چ??و ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻه لاڳاپا ثقافتي ۽ مذهبي قدرن سان جڙيل آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ مذهبي قدرن تي ??َڌل لاڳاپا قائم آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي، ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جي مؤقف جي هر اهم فورم تي حمايت ڪئي آهي. آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ ٿيندڙ سي او پي 29 ڪانفرنس ۾ پاڪستان ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪ??دو. هن چ??و ته اسان جي ٻه طرفي واپار ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ مسلسل اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جڏهن ته اسان جو ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو هاڻ تائين پنهنجي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، گڏيل واپار کي وڌائڻ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته پاڪستان جو راباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي نقطه نظر جي حمايت ڪري ٿو، ڪشمير مسئلي تي ??اڪستاني نقطه نظر جي حمايت تي آذربائيجان جا شڪرگذار آهيون. هن چ??و ته اسلام آباد/لاهور/ڪراچي ۽ باڪو وچ ۾ هفتي دوران 6 اُڏامون هلي رهيون آهن جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سينيٽ چيئرمين چ??و ته توانائيءَ جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ به انتهائي اهميت رکي ٿي، اها ڳالهه سٺي آهي ته سمورن علائقائي ۽ عالمي تنظيمن خاص طور گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ايس سي او ۾ اسان جو ٻه طرفو سهڪار مضبوط ۽ غير متزلزل آهي. هن چ??و ته اعليٰ سطح تي ??ارلياماني وفدن جي ڏي وٺ ۾ تيزي آڻڻ جي سخت ضرورت آهي. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ تقويت ملندي. صدر الهام عليوف جي قيادت ۾ آذربائيجان نمايان ترقي ڪئي آهي، پاڪستان آذربائيجان جي ترقي، خوشحالي ۽ امن امان جي قيام جي حوالي سان قدمن کي ساراهي ٿو. سينيٽ چيئرمين، آذربائيجان جي قيادت، آذربائيجان جي ملي مجلس جي سربراهه ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سفير خضر فرحاديو چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم آهن، آذربائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهش رکي ٿو ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن سان ڀرپور فائدو کنيو ويندو.
پاڪستان آذربائيجان وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن لاءِ انتهائي اهم آهي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ