باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو ٽن ڏينهن جو آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو. آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف وزيراعظم کي باڪو ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي آذربائيجان جي دوري دوران ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن کي ما??ولياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن جي خطري ۾ ورتل پاڪستان جي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم تاريخي طور تي ما??ولياتي آلودگي جي ذميوار ملڪن پاران ما??ولياتي عالمي معاشي واعدن جي تڪميل تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزبان?? ڪئي ۽ ما??ولياتي تبديلي جي حوالي سان عالمي معاشي واعدن جي تڪميل تي زور ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم ان ??وق??ي تي ڊينمارڪ، چيڪ ريپبلڪ جي وزيراعظمن ۽ آذربائيجان جي صدر سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيُون. وزيراعظم جي ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي ??وق??ي تي برطانيا جي وزيراعظم، گڏيل عرب امارات، تاجڪستان، ازبڪستان، قازقستان، نيپال جي صدرن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون.
وزيراعظم پنهنجو ٽن ڏينهن جو آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino