اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪالهه هتي ديت، ارش ۽ د??من فنڊ جي ايڊمنسٽريٽو جي 10هين اجلاس جي صدارت ڪيئ. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبر خاص ڪر?? سيڪرٽري، گهرو وزارت جي نمائندن ۽ پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي گهرو ۽ جيل کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب اجلاس ۾ انهن قيدين جي ڪيسن تي غور ڪيو ويو جيڪي ديت، ارش ۽ د??من جي رقم ادا نه ڪر?? سگهڻ سبب جيلن ۾ قيد آهن. ڪميٽي صوبائي ذ??لي ڪميٽين طرفان اُماڻيل 9 ڪيسن جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. اهي ڪيسَ ديت، ارش ۽ د??من فنڊ جي قاعدن 2007ع تحت جي اهل قيدين جا هئا جن ۾ اهي ماڻهو شامل آهن جيڪي جسماني يا ذهني بيمارين جو شڪار آهن، عورتن، ٻارن، نابالغ، يتيم ۽ اهي قيدي جيڪي پنهنجي سزا جو وڏو حصو مڪمل ڪر?? چڪا آهن پر مالي وسيلن جي کوٽ سبب ديت، ارش ۽ د??من جي رقم ادا نٿا ڪر?? سگهن. اجلاس دوران ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي هدا??ت ڪئي وئي ئي ته هو سمورن اهل ڪيسن کي مڪمل دستاويزن سان حتمي جائزي کان پوءِ جمع ڪرائين، جن ۾ قانوني وراثتي سرٽيفڪيٽس ۽ فيصلن جي تصديق ٿيل نقل شامل آهن. هن وڌيڪ هدا??ت ڪئي ته هو ڪيسن جو تفصيلي جائزو فراهم ڪن ته جيئن وڌيڪ تصديق ۽ ڪارروائي ڪر?? سگهجي. وفاقي وزير ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي محنت کي ساراهيو ۽ هڪ مربوط طريقيڪار کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن ڪيسن کي اثرائتي طريقي ۽ شفافيت سان حل ڪر?? سگهجي. هن لاڳاپيل سمورين ڌُرين، خاص ڪر?? گهرو کاتي، جيل عملدارن ۽ گهرو وزارت کي هدا??ت ڪئي ته هو ان عمل ۾ فعال طور تي سهڪار ڪن، طريقيڪار ۾ دير کي ختم ڪن ۽ حقدار ماڻهن تائين انصاف پچائڻ کي يقيني بڻائين. اجلاس جي پڄاڻي ان عزم سان ٿي ته انصاف، عدليه ۽ انساني حقن جي اص??لن کي هٿي ڏيندي اهل قيدين کي ضروري مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري ڪيون وينديون.
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ ديت، ارش ۽ دامن فنڊ جي ايڊمنسٽريٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria