پئرس-16 نومبر (اي پي پي) پاڪستان کي 2023ع کان 2027ع تائين جي مدي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر يونيسڪو جي ايگزيڪيٽو بورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو آ??ي، فرانس ۾ يونيسڪو ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي بيان ۾ ٻڌايو ته پاڪستان اڪثريت ?? ووٽ حاصل ڪيا. بيان ۾ پاڪستان جي حمايت ?? اعتماد لاءِ ميمبر ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو ويو، بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان گڏيل مقصدن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو. بيان ۾ چيو ويو ته ايگزيڪيٽو بورڊ ۾ خدمتون انجام ڏيڻ جي ذميواري سونپڻ پاڪستان لاءِ انتهائي فخر آه??. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان پاليسي سازي، اصولن جي ترقي، عالمي ترجيحن کي هٿي ڏيڻ ۽ تنظيم جي پروگرامن ۽ سرگرمين جي موثر نگراني ۾ پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ ان موقعي مان فائدو کڻندو. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان جو يونيسڪو جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي ميمبر جي حيثيت سان ٻيهر چونڊجڻ گڏيل قومن جي حمايت ?? ان جهڙن عالمي فورمن تي ان جي تعميري ڪردار جو ثبوت آه??.
پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر يونيسڪو جي ايگزيڪيٽو بورڊ جو ميمبر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری