غزه-18 ڊسمبر (اي پي پي) غزه جي جباليه پناهگير ڪيمپ تي اس??ائ??لي بمباريءَ ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 90 ٿي ويو جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. الجزيره جي رپورٽ مطابق جباليه ۽ نصرت پناهگير ڪيمپن تي اس??ائ??لي حملن ۾ وڏي پيماني تي فلسطينين جي مارجڻ جو اطلاع آهي. اس??ائ??لي بمباري ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 90 ت??ئي?? پهچي ويو آهي جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ڪيترن ئي زخمين کي ويجهين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته الجزيره مطابق اس??ائ??لي حملن ۾ غزه جي اسپتالن کي نشانو بنايو پيو وڃي. ٻئي پاسي ڪيت??ائ?? فلسطيني مرد، عورتون ۽ ٻار اڃا ت??ئي?? گُم آهن. فلسطيني خابرو اداري وفا جي رپورٽ ۾ غزه جي صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻُڌايو ويو آهي ته اس??ائ??لي فوج جباليه ۾ البرش ۽ـ الوان خاندانن جي ملڪيت، رهائشي علائقي تي شديد بمباري ڪري رهي آهي. امدادي ڪارڪن متاثر علائقن مان م??بو هٽائڻ ۾ مصروف آهن. صحت جي عالمي اداري الشفا اسپتال جي صورتحال کي مڪمل هيبتناڪ منظر ۽ ڪمال عدوان اسپتال جي تباهيءَ کي خوفناڪ قرار ڏنو آهي. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان هاڻي ت??ئي?? اس??ائ??لي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 19 هزار ت??ئي?? پهچي ويو آهي.
جباليه پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي بمباريءَ ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 90 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ