اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ملڪ ۾ فلمي صنعت جي بحالي لاءِ تجويزن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو. اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير ??ريم اورنگزيب اجلاس ۾ فلمي صنعت جي بهتري لاءِ موجوده حڪومت پاران کني?? مختلف قدمن ۽ ان مقصد جي لاءِ گهربل فنڊن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت فلمي صنعت جي بحالي کي اهميت ڏني ۽ ف??م ذريعي ملڪ جو مثبت تشخص ۽ حق??قي ثقافتي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته فلم ذريعي نه رڳو ملڪ جي وسيع ثقافتي تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو پر دنيا جي ٻين ملڪن وانگر قومي معيشت ?? پڻ فلمي صنعت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن