بيجنگ- 17 م??رچ (اي پي پي) چيني صدر شي جن پنگ 20 م??رچ تي روس جو 3 ڏينهن جو دؤرو ڪندو. چيني خابرو اداري مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هوا چونينگ ٽوئيٽ ۾ ٻُڌايو ته روسي صدر ولادي ميرپيوٽن جي دعوت تي چيني صدر 20 کان 22 م??رچ تائين روس جو سرڪاري دؤرو ڪندو. چيني صدر جو دؤرو روس دوستي تعاون ۽ امن جو ٽرپ هوندو. هن چيو ته چين ۽ روس ڪنهن به ٽڪراءَ، اتحاد ۽ ڪنهن ٽين ڌُر کي ن??ان?? بڻائڻ کان بنا بين الاقوامي لاڳاپن ۾ جمهوريت کي هٿي ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف روسي حڪومت چيو ته چيني صدر جي روس واري دؤري دوران روس ۽ چين وچ ۾ جامع شراڪتداري جي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن ??ي ڏي وٺ ٿيندي. ڪريملن مطابق ملاقات دوران بين الاقوامي معاملن تي روس ۽ چين تعاون کي وسعت ڏيڻ تي پڻ ڳالهيون ٿينديون ۽ ڪيترن ئي اهم ٻه طرفن دستاويزن تي ??حي??ون پڻ متوقع آهن.
چيني صدر 20 مارچ تي روس جو 3 ڏينهن جو سرڪاري دؤرو ڪندو
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔