واشنگٽن – 16 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا اولهندي ڪناري ۽ والاريل بيت المقدس جي ڏکڻ ۾ يهودي وسندي?? جي وڌيڪ تعمير جي اسرائيلي منصوبي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. آمريڪي تنقيد جو وڏو سبب نين يهودي وسندي?? جي تعمير سان يونيسڪو جي عالمي ورثي ۾ شامل ڪيل هنڌن جو متاثر ٿيڻ شامل آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا بيت الحم ۾ نئين يهودي وسندي?? جي تعمير جي منصوبي جي مذمت ڪئي آهي. آمريڪي ترجمان نشاندهي ڪئي ته ان نئين منصوبي ۾ شامل هر هڪ قدم نئين وسندين مان هر هڪ فلسطيني اق??صادي ترقي ۽ چر پر جي آزادي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندو ۽ ٻه رياستي حل جي امڪاني وجود لاءِ فزيبلٽي کي ڪمزور ڪندو. ترجمان چيو ته اها ڳالهه عالمي قانو?? جي ابتڙ معلوم ٿئي ٿي، اسان يقيني طور تي اولهندي ڪناري ۾ يهودي وسندي?? جي وڌيڪ اضافي ۽ ترقي جي مخالفت ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ