پيرس – 4 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ??وبائيڊن جي ايران ۾ تيل جي ٺڪاڻن تي اسرائيل جي امڪاني ح??لن بابت ڏنل بيان بعد عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن وائٽ هائ??س ۾ صحافي سوال ڪيو ته توهان ايران جي تيل جي ٺڪاڻن تي ح??لن جي حمايت ڪيو ٿا، جنهن تي صدر ??ائيڊن چيو ته اسان ان تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. آمريڪي صدر ??ي ان بيان بعد عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ 05 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. جوبائيڊن وڌيڪ چيو آهي ته کيس اسرائيل طرفان فوري ڪارروائي جي اميد ناهي جڏهن ته ماضي ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه ۽ لبنان جي معاملي ۾ تحمل کان ڪم وٺڻ جي مطالبي کي نظر انداز ڪندو رهيو آهي . ان کان اڳ اربع ڏينهن صدر ??وبائيڊن واضع ڪيو هو ته ايران اي??مي ٺڪاڻن تي اسرائيلي ح??لن جي حمايت نه ڪندو پر هن اهو پڻ چيو هو ته اسرائيل جي دفاع واري حق جي حمايت ڪري ٿو ۽ ايراني حملي جي جواب ۾ ڪجهه قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
آمريڪي صدر طرفان ايران ۾ تيل جي ٺڪاڻن تي امڪاني اسرائيلي حملن بابت بيان بعد عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo