نيويارڪ – 4 نو??بر (اي پي پي )آمريڪا ۾ 7 ڪروڙ 80 لک ووٽرن 5 نو??بر تي ٿيندڙ چونڊن کان اڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. آمريڪا جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽي طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق 4 ڪروڙ 26 لک کان وڌيڪ ووٽرن پولنگ اسٽيشنن تي وڃي اٽڪل 3 ڪروڙ 53 لک ووٽرن ٽپال ذريعي ووٽ وڌو. آمريڪا ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل انگ اٽڪل 16 ڪروڙ 80 لک آهي. وقت کان اڳ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ??ي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ ٽيڪساس رياست ۾ 8.9 مل??ن رڪارڊ ڪيو ويو. فلوريڊا رياست ۾ (8.1 مل??ن )، ڪيليفورنيا رياست ۾ (7.6 مل??ن )، اتر ڪيرولينا ۾ (4.4 مل??ن ) ۽ جارجيا ۾ (4 مل??ن ) ووٽن جو ٽرن آئوٽ رهيو. واضح رهي ته آمريڪا ۾ 5 نو??بر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ريپ??لڪ?? پارٽي طرفان ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ طرفان ڪملا هيرس آمريڪي سربراهه جي عهدي لاءِ آمهون سامهون آهن.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔