پيرس-06 نومبر (اي پي پي) فرانس ۾ 7 خاندانن ٻارن کي نقصانڪار مواد سبب متاثر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ چيني سوش?? ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي ڪيس داخل ڪيو آهي. اي ايف پي موجب فرانسيسي خاندانن سوش?? ميڊيا پليٽ فورم خلاف عدالت جو رخ ڪيو آهي. انهن خاندانن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ اٽڪل 1.6 ارب صارفين وارو اهو پليٽ فارم ٻارن کي اهڙو مواد فراهم ڪري ٿو جيڪو انهن کي نقصان پهچائيندڙ، آپگهات ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي عادتن ۾ خرابين طرف راغب ڪري ٿو انهن ۾ اهڙا خاندان به ??ام?? آهن جن جي نياڻين آپگهات ڪيو ۽ 4 اهڙا خاندان به آهن جن جو چوڻ آهي ته ٻارن ٽڪ ٽاڪ جي مواد جي اثر هيٺ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سوش?? ميڊيا پليٽ فارم سان شڪايت ڪندڙ هڪ ٻئي خاندان جو چوڻ آهي ته ان ايپ سبب انهن جي ٻارکي کاڌي جو مسئلو ٿي ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : راکی