لاهور / اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آ??ي ته هو پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي اڳڀرائي جو ذاتي طور تي جائزو وٺي رهيو آ??يو آ??ي جيڪو ??طي ۾ ڪروڙين ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻيندو. رائيونڊ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وارد ٽيلي ڪام انٽرنيشنل جي چيئرمين ۽ ابوظهبي گروپ يونين نيشنل بئنڪ ۽ يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ جي چيئرمين شيخ نيهان بن مبارڪ النهيان جي سربراهي تي ٻڌل هڪ وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ??ه 46 ارب ڊالر جو منصوبو رستن جي نيٽ ورڪ ۽ ريلوي نظام جي تعمير سان پوري ??طي کي ڳنڍيندو. هن چيو ??ه منهنجي حڪومت پائيدار امن، مستحڪم معاشي ترقي ۽ ٺوس انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ کي صحيح رخ تي آندو آ??ي. هن ملڪ مان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ??ه حڪومت صنعتي شعبي کي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻ??يو آ??ي ۽ 2018ع تائين ملڪ مان توانائي جي کوٽ تي ضابطو آ??دو ويندو.
پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جو پاڻ جائزو وٺان پيو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا