اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عالمي سطح تي پرامن ۽ خوبصورت پاڪستان جي تشخص کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اسڪرين ٽوئرازم جو اهم ڪردار آهي، پنهنجي تاريخي ثقافتي، قومي ورثي ۽ زبان کي فروغ ڏئي تاثر جي جنگ ۾ اسان کي ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي، هڪ ??وم جي حيثيت ۾ اسان دهشتگردي خلاف ڪامياب جنگ وڙهي رهيا آهيون، اترين علائقن ۾ ٻيلن جي تحفظ ۽ ساحلي علائقن ۾ جهنگلي جيو?? جي واڌ ويجهه ۽ ماحولياتي نظام جي تحفظ لاءِ مقامي آبادي جون خدمتون تحسين لائق آهن. مقامي هوٽل ۾ ڪتاب ديو سائي ڪي رنگي“ جي مهورتي تقريب ۽ تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪ??دي مريم اورنگزيب چيو ته ڪارپوريٽ ملڪي مث??ت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڪتاب ۾ پاڪستان جي حقيقي خوبصورتي کي سامهون آندو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina